يقيني بڻايو وڃي ته لياريءَ ۾ ٻيهر بابا لاڊلا يا عزير بلوچ جھڙو ڪوبه گروپ نه ٺاهي سگھي: ڊي جي رينجرز
February 3, 2017 at 10:55 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊي جي رينجرز لياريءَ جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، ڊي جي رينجرز سنڌ لياريءَ جي نوان لين، ميران ناڪا، گبول پارڪ ۽ چيل چوڪ جو دورو ڪيو، ان موقعي تي سيڪٽر ڪمانڊر ڊي جي رينجرز سنڌ کي علائقي جي صورتحال ۽ ڪاررواين بابت بريفنگ به ڏني، ان موقعي تي ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل محمد سعيد جو چوڻ هو ته ڏوهاري گروپن يا انهن جي سربراهن کي لياريءَ جو امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، لياريءَ جو باشعور عوام خاص طور والدين ۽ استاد امن ۾ ڪردار اداڪن، ڊي جي رينجرز جو چوڻ هو ته نوجوانن کي هاڪاري سرگرمين طرف آندو وڃي، يقيني بڻايو ته لياريءَ ۾ ٻيهر بابا لاڊلا يا عزير بلوچ جھڙو سربراهه گروپ نه ٺاهي سگھي.