وڏي وزير مراد علي شاهه  طرفان سيپٽمبر ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي رٿا جي افتتاح جو اعلان

May 17, 2017 at 5:24 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته چئني وڏن وزيرن جي آمد تي چيني صدر شي جن پنگ خوشيءَ جو اظهار ڪيو. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سي پيڪ رٿا ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي به شامل آهي. هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چين ۾ اجلاسن دوران سندن حمايت ڪئي. سندس چوڻ هو ته چيني صدر کي پاڪ چين اقتصادي راهداري رٿائن ۾ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته  سي پيڪ رٿائن لاءِ 15 سيڪڙو رقم ڏيڻ لاءِ تيار آهن. هن چيو ته سي پيڪ بابت اهم ڪانفرنس ۾ هنن پنهنجون 3 رٿائون پيش ڪيون. سندس چوڻ هو ته سيپٽمبر ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي رٿا جو افتتاح ڪيو ويندو. ان کان اڳ  سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته وٽن بقايائن جي ادائيگي بابت سمورا دستاويزي ثبوت موجود آهن. هن چيو ته گئس مان سستي بجلي پيدا ٿيندي آهي،  مقامي وسيلن مان بجلي جي پيداوار جي ذريعن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته وفاقي سرڪار کي بجلي جي اگهه وارو معاملو حل ڪرڻ جو چيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته وفاقي سرڪار طرفان درآمدي ڪوئلي مان بجلي جي پيداوار جي اجازت ڏني پئي وڃي.

اي پيپر