وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ڪراچيءَ جو دورو،سي ٽي سهولتن جو افتتاح

June 8, 2017 at 6:24 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي (7 جون 2017ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڄ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي) ڪراچيءَ جو دورو ڪيو. وڏي وزير جي پي ايم سي ۾ صوبائي صحت کاتي ۽ پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن (پي اي ايف) جي گڏيل سهڪار سان قائم ڪيل سائيڪلوٽرون (Cyclotron) ۽ پيٽ سي ٽي جي سهولتن جو افتتاح ڪيو. هن ان ڪامياب پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت قائم نئين سائڪلوٽرون، سائبر نائف روبوٽڪ سرجري، ريڊيولاجي جي مختلف حصن جو معائنو به ڪيو. ان موقعي تي ريڊيولاجي ڪانفرنس روم ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ هڪ رسمي اجلاس به منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ صوبائي صحت وارو وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اي ايف زاهد بشير، چيئرمين ايگزيڪيوٽو ڪميٽي مشتاق ڇاپرا، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيمي جمالي، شبير ديوان، پير محمد ديوان ۽ پي اي ايف جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پروفيسر طارق محمود پي اي ايف پاران فراهم ڪئي ويندڙ موجوده سهولتن ۽ جي پي ايم سي ڪراچي جي مستقل وارين ضرورتن جي حوالي سان پريزنٽيشن ڏني وئي. هن ٻڌايو ته جي پي ايم سي ۾ ڪينسر جي علاج لاءِ هڪ ٻارنهن ماڙ تعمير ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪينسر جي سمورن مرض جو اعلاج مفت ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته ان رٿا جي مجموعي لاڳت 6 بلين رپيا آهي، جنهن مان اڌ جو بندوبست پي اي ايف سول ورڪس لاءِ ڪيو آهي، جڏهن ته باقي 3 بلين رپين لاءِ سنڌ حڪومت کان درخواست ڪئي وئي آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو آهي ته او پي ڊي ۽ سرجيڪل ڪمپليڪس به تڪميل جي مرحلي ۾ آهن. سنڌ حڪومت هلندڙ سال جي بجيٽ ۾ اوزان جي خريداريءَ لاءِ 425 ملين رپيا رکيا آهن ۽ اهي 8 آپريٽنگ ٿيٽرن جي ڪمپليڪس جا اوزارن ۽ ٻين گهرجن لاءِ ڪافي هوندا. پي اي ايف کي ٽاپ فلور تي 10 آپريٽنگ ٿيٽرن لاءِ اوزارن ۽ انهن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 700 ملين رپين جي وڌيڪ ضرورت پوندي. وڏي وزير پي اي ايف جي ڪاوشن خاص طور تي تعمير هيٺ سرجيڪل ۽ او پي ڊي ڪمپليڪس جي ساراهه ڪئي. سيد مراد علي شاهه او پي ڊي ۽ سرجيڪل ڪمپليڪس لاءِ اضافي 700 ملين رپيا ۽ جي پي ايم سي ۾ ڪينسر جي اداري کي سال 2020-2018ع لاءِ 3 بلين رپيا جي منظوري ڏني. مشتاق ڇاپرا سنڌ جي وڏي وزير جي ان وڏي فيصلي ۽ اعلانن جيڪي وڏي وزير سنڌ جي ماڻهن جي بهتريءَ لاءِ ڪيا انهن جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته هاڻوڪي حڪومت سندن قيادت ۾ سنڌ جي ماڻهن ۽ انهن کي صحت جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ واري جذبي سان ڪوشان آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پروفيسر طارق کي ان ڪينسر جي اداري کي سيٽيلائيٽ يونٽس ذريعي صوبي جي ٻين علائقن تائين خدمتن کي وڌائڻ جي هدايت ڪئي. انهيءَ بعد جي پي ايم سي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر وڏي وزير کي شيلڊ پڻ پيش ڪئي.

اي پيپر