وفاق پرست پارٽين جي ايجنڊا ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي خوشحالي شامل ئي ناهي؛شاد کوسو

February 28, 2017 at 6:13 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي(پ ر) سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين شاد کوسي چيو ته وفاق پرست پارٽين جي ايجنڊا ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي خوشحالي شامل ئي ناهي، 68 سالن ۾ سنڌ کي ترقي نه ڏيارڻ جي ذميوار سنڌ ڪارڊ جي دعويدار پيپلز پارٽي آهي، موجودھ پيپلز پارٽي جي ڪرپشن ڦرلٽ سنڌ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيوآهي،جنهن سبب اڄ خوشحال کنڊرات بنيل آهي، سنڌي ماڻهن کي پيپلز پارٽي توڙي وفاق پرست پارٽين تي ڀاڙڻ بدران سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءَ جاکوڙيندڙ سنڌ جي قوم پرستن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، اهڙو اظهار هن پارٽي ميڊيا سيل تي ڏوڪري، سجاول، شهدادپور، ڳڙهي خيرو مام آيل وفدن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي شهادت سان گڏوگڏ پيپلز پارٽي جو روٽي ڪپڙا مڪان وارو نعرو ڳڙهي خدابخش ۾ دفن ٿي چڪوآهي، موجودھ پيپلز پارٽي عوامي نه پر جاگيردارن جي پارٽي بنجي ويئي آهي،هن وڌيڪ چيو ته تازو پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ وڏيرن جو مقصد به ڦرلٽ ڪرپشن ۾ ڀاڳي ڀائيوار ٿيڻ آهي، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌي ماڻهن سان 68 سالن کان هلندڙ ماٽيلي ماءٌ وارو سلوڪ اڄ به جاري آهي، دهشتگردي ڪندڙ حڪومتي پروٽوڪول ۾ گهمي رهيا آهن پر دهشتگردي جي آڙ ۾ سنڌ جي سياسي ڪارڪنن خلاف آپريشن ڏينهون ڏينهن وڌنڌو پيو،پر امن قومي ڪارڪنن جي گهرن تي پوليس چڙهايون چڙهايون جواڻ کٽ سلسلو جاري آهي جيڪ عمل مذمت لائق آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگرد ڪارواين ۾ ڪٿي به ملوث نه رهيا آهن، پر هڪ منظم سازش تحت سنڌي ماڻهن کي دهشتگرد ڪري پيش ڪرڻ واري ايجنڊا تي ڪم ٿي رهيوآهي، هن چيو ته وقت جي حڪمرانن جي اهڙي روش تي سنڌ جي ڌرتي ڌڻين سيڪيولر سوچ رکندڙ ترقي پسند ۽ قوم پرست پارٽين جي حلقن ۾ جا تحفظات وڌي رهيا آهن، حڪومت کي جيڪڏهن دهشتگردن خلاف آپريشن ڪرڻو آهي ته پوءِ قومپرست پارٽين خلاف مهم ڇو هلايوپيووڃي.ان موقعي تي پارٽي اڳواڻ غلام رسول مارفاڻي، احمد سومرو، ماجد سيال، ذوالفقار کوسو ۽ ٻيا پڻ موجودهئا.،

اي پيپر