وفاقي ڪابينا فاٽا کي خيبرپختونخوا ۾ ضم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) وزير اعطم نواز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ فاٽا کي خيبرپختونخوا ۾ ضم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ گڏيل راءِ سان ايندڙ ۵ سال فاٽا خيبرپختونخوا جو حصو هوندو. ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته فاٽا جي ترقي پوري ملڪ ۽ قوم جي ذميواري آهي. فاٽا، گلگت بلستان ۽ آزاد ڪشمير جي عوام کي سندن حق ملڻ کپي. وفاق ۽ سڀني صوبن کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزير اعظم وڌيڪ چيو ته ملڪ جي سڀني حصن جو ملڪي وسيلن تي برابر جو حق آهي پوئتي پئجي ويل علائقن ۽ عوام تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي. وزير اعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان هر پاڪستاني جو آهي. قومي يڪجهتي جي لاءِ ضروري آهي ته اسان پاڪستاني ٿي ڪري پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪريون هر پاڪستاني کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ڏنو ويندو. وفاقي ڪابينا ۾ منظور ڪيل سفارشن ۾ چيو ويو ته وفاق جي انتظام هيٺ علائقن کي خيبرپختونخوا ۾ ضم ڪرڻ لاءِ ۵ سال لڳندا. فاٽا جي ترقي جي لاءِ گڏجي ڪوششون ڪيون وينديون ۽ اين ايف سي ۾ فاٽا جي لاءِ ۳ سيڪڙو حصو رکيو ويندو. فاٽا ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ بينچون به قائم ڪيون وڃن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *