وزير اعظم يا صدر بڻجڻ جي حوس ناهي، ملڪ جي بهتري چاهيان ٿو: مشرف

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي صدر ۽ آل پاڪستان مسلم ليگ جي چيئرمين پرويز مشرف چيو آهي ته مون کي وزير اعظم يا صدر بڻجڻ جي حوس ناهي، ملڪ جي بهتري چاهيان ٿو. اڳوڻي صدر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ ڪرپشن ۽ مس گورننس آسمان تي آهي، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي وڌي رهي آهي، حڪمران رڳو سياست ڪري رهيا آهن، ٽين سياسي قوت جو خال پورو ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، ملڪ کي بچائڻ ۽ ترقي ڏيڻ جي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻ پوندي. هن چيو ته عوام تبديلي چاهي ٿو پر ان جي حقيقي اڳواڻي ڪندڙ ڪير به ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *