وزير اعظم استعيفيٰ ڏيندو نه وري اسيمبلي ٽوڙي ويندي: نواز ليگ جو فيصلو

July 12, 2017 at 7:28 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (بيورو): وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته وزير اعظم استعيفيٰ ڏيندو نه وري اسيمبلي ٽوڙي ويندي، جڏهن ته جي آءِ ٽي رپورٽ تي اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ خدشا سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ صلاح مشورن وارو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ چوڌري نثار، خواجه آصف، احسن اقبال،اسحاق ڊار  ۽ ٻين ليگي اڳواڻن شرڪ ڪئي، اجلاس ۾ جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۽ حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي جاري ڪيل فصيلي جو پڻ جائزو ورتو ويو، خواجا حارث جي سربراهي ن ليگ جي قانوني ٽيم جي آءِ ٽي رپورٽ تي نواز شريف کي آگاهي ڏني، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وزير اعظم استعيفيٰ ڏيندو نه وري اسيمبلي ٽوڙي ويندي، اجلاس ۾ حڪومت پاران جي آءِ ٽي رپورٽ تي اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو، حڪومت جي آءِ ٽي رپورٽ تي خدشا سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو پڻ فيصلو ڪيو آهي.

اي پيپر