وزيراعظم ۽ آمريڪي صدر ٽرمپ وچ ۾ ناشتي جي ميز تي ملاقات، افغانستان جي صورتحال تي ڳالهيون
September 22, 2017 at 8:07 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
نيويارڪ (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته صدر ٽرمپ افغانستان ۾ پاڪستان جي ڪردار بابت سٺي رويي جو اظهار ڪيو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 72 هين اجلاس جي موقعي تي آمريڪي صدر ٽرمپ پاران عالمي اڳواڻن جي مان ۾ ناشتي جو بندوبست ڪيو ويو ان موقعي تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڳالهائيندي ٻڌايو ته سندس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ٿي آهي. آمريڪي نائب صدر مائيڪ پينس سان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي 45 منٽن کانپوءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ به ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻڌايو ته ملاقات ۾ آمريڪي صدر پاڪ آمريڪا ڀائيوار جي تسلسل جي باري ۾ به سٺي رويي جو اظهار ڪيو وزيراعظم ٻڌايو ته ٽرمپ سان ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن افغانستان جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن ٻڌايو ته پاڪستان هرقسم جي دهشتگردي خلاف پرعزم آهي وائيٽ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته آمريڪي نائب صدر وزيراعظم پاڪستان جي وچ ۾ ٿنيدڙ ملاقات ۾ اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون جنهن ۾ آمريڪي صدر جي ڏکڻ ايشيا بابت پاليسي ۽ خطي جي صورتحال شامل آهي.