وزيراعظم کي استعيفيٰ نه ڏيڻ جي موقف تي ڄمي بيهڻ گهرجي: فضل الرحمان

July 15, 2017 at 3:28 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي (م ڊ): جي آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته وزيراعظم کي استعيفيٰ نه ڏيڻ تي ڄمي بيهڻ گهرجي، اسان پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ گڏ بيٺا آهيون، هن چيو ته ادارن ۾ ٽڪراءَ جو تاثر ڏنو پيو وڃي، استعيفيٰ ڏئي، جيڪي پارليامينٽ ۾ ويٺا آهن، اهي ڪهڙي منهن سان ٻين کان استعيفيٰ گهري رهيا آهن، هن چيو ته جيڪو آئيني طور تي اوهان جو وزيراعظم آهي، اوهان ان کي اخلاق سيکاري رهيا آهيو، ادارن کي تڪراري بڻايو پيو وڃي، اسان جو ملڪ بحرانن کي برداشت نٿو ڪري سگهي، سمورن ادارن کي هڪ پيج تي هجڻ گهرجي، سي پيڪ گريٽ گيم جو حصو آهي، آمريڪا ۽ ڀارت ان کي روڪرائڻ چاهين ٿا، هن چيو ته ڌرڻن جو رستو روڪي اسان سي پيڪ جي لاءِ رستو کوليو، خيبر پختونخواهه ۾ڪرپشن جا ڪيس ڇو نه پيا اٿاريا وڃن، پنهنجي صوبي کي برباد ڪري ملڪ کي اوهان کي ڇا ڏيڻو آهي؟.

اي پيپر