وزيراعظم ميانوالي ۾ ائٽمي بجلي گهر جو افتتاح ڪري ڇڏيو

September 9, 2017 at 8:10 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد( بيورو ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ميانوالي ۾ 340 ميگا واٽ جي چشما ائٽمي بجلي گهر جي رٿا جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. چشمار فور پاور پلانٽ رٿا جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ڪنهن به عالمي امداد کانسواءِ چشما ۾ 28 ڊسمبر 2016ع تي رٿا جي باقاعده شروعات ٿي ۽ اهو ملڪ جو پنجون ائٽمي بجلي گهر آهي. هن چيو ته حڪومت طرفان  2030ع تائين پاڪستان اٽامڪ انرجي کي ڏنل اها رٿا ملڪي ترقي لاءِ اهم قدم ثابت ٿيندي. سندس چوڻ هو ته رٿا مڪمل ڪرڻ لاءِ هو چيني حڪومت ۽ ادارن جا ٿورائتا آهن، نومبر 2017ع کانپوءِ اسان ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪرڻ جي قابل ٿي وينداسين. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ائٽمي توانائي پلانٽس مان سستي بجلي پيدا ٿي رهي آهي، چشما ۽ مظفر ڳڙهه ۾ ائٽمي تونائي جون وڌيڪ رٿائون لڳايون پيون وڃن. هن چيو ته نواز شريف جي ويزن موجب توانائي جون رٿائون مڪمل ٿيڻ طرف وڌي رهيون آهن ۽ اهي رٿائون 2020ع جي 8 هزار 800 ميگا واٽ ائٽمي بجلي جي هدف ۾ اهم قدم آهن.

اي پيپر