اسلام آباد:(بيورو) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان دائودي بوهره برادري جي وفد نائب صدر فيضي حڪيمي ۽ مستنصر ايڇ پونا والا جي قيادت ۾ خميس ڏينهن هتي وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وفد وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي بوهره برادري جي اڳواڻ سيدنا مفضل سيف الدين طرفان نيڪ خواهشون پهچايون، وزيراعظم بوهري برادري جي خاص طور تي سماجي ڀلائي ۽ اقتصادي سرگرمين ۾ خدمتن کي ساراهيندي وفد کي يقين ڏياريو ته حڪومت بوهره برادري کي ان جي انساني همدردي خدمتن ۽ سماجي ڪمن ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي رهندي، وزيراعظم به سيدنا مفضل سيف الدين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته هو ان جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي، وفد ۾ جذير ڀائو صاحب، ڪوميل يونس، منصور اجمير والا، ذوالفقار آدم ۽ حسين ڪوميل شامل هئا.