وزيراعظم سپريم ڪورٽ مان به ڪامياب ٿي نڪرندو: مريم اورنگزيب
July 19, 2017 at 6:19 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مخالف ڌر وزيراعظم کي پارليامينٽ ۽ جمهوريت لاءِ خطرو چئي رهي آهي، اها پاڻ 4 سال جمهوريت ۽ پارليامينٽ لاءِ خطرو بڻيل رهي، وزيراعظم سپريم ڪورٽ مان به ڪامياب ٿي نڪرندو. پارليامينٽ هائوس اڳيان صحافين سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته سپريم ڪورٽ ٻاهران ڪپڙا ٽنگڻ وارا اهي ڳالهيون ڪري رهيا آهن، کين خبر آهي ته سندن الزام اعليٰ عدالت مان به رد ٿيڻ وارا آهن. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ٻاهران ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ منهن ماري سٺي ڳالهه ناهي، اسان نٿا چاهيون ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪنهن به قسم جو جهيڙو ٿئي. هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف پنهنجي خاندان تي لڳايل الزامن کي صبر سان منهن ڏنو، پارٽيون قيادت ذريعي پنهنجي ڪارڪنن کي سمجهائن، هي وقت صبر جو آهي، ملڪ ۾ هلندڙ هر ڪم کي پاناما سان نه ڳنڍڻ گهرجي، پاناما ڪيس کانپوءِ سڀ ڪجهه صحيح ٿي ويندو. مريم اورنگزيب چيو ته قطري پرڏيهي وزير جو دورو روٽين موجب آهي، اها ڪا غير معمولي ڳالهه ناهي.27