وزيراعظم جي پرڏيهي وزير طور ڪم ڪرڻ واري پاليسي ناڪام ٿي چڪي آهي: شازيه عطا مري
March 7, 2017 at 8:01 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت ۾ جاري آهي، اجلاس دوران پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر شازيه عطا مريءَ جو چوڻ هو ته وزيراعظم پرڏيهي وزير طور پنهنجي پاليسيءَ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي، جن ملڪن سان پاڪستان جا لاڳاپا بهتر هئا هاڻي اهي خراب ٿي رهيا آهن ۽ ملڪن وچ ۾ رنجشون وڌي رهيون آهن، قومي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي شازيه مريءَ جو چوڻ آهي ته ڪشمير جي مسئلي تي اسان جي پاليسي واضح نه آهي، آمريڪي صدر جي مسلمان ملڪن سان رويي جي مذمت ئي ڪئي وڃي ها، ملڪ کي مستقل پرڏيهي وزير جي ضرورت آهي.36