وزيراعظم جو لوڊشيڊنگ جي عرصي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار
April 28, 2017 at 11:20 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (بيورو): وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ڪابينا جي توانائي بابت ڪميٽي جو چوٿون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم لوڊشيڊنگ جي موجوده عرصي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، وزيراعظم لوڊشيڊنگ ۾ خاطر خواهه گهٽتائي نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سوال ڪيو ته گذريل اجلاسن ۾ ڏنل هدايتن تي عمل ڇو نه پيو ڪيو وڃي؟، ان موقعي تي بجلي جي پيداوار ۽ طلب تي پاڻي بجلي واري وفاقي سيڪريٽري وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اپريل دوران 866 ميگا واٽ اضافي بجلي سسٽم ۾ شامل ڪئي وئي آهي، ايندڙ مهيني وڌيڪ 400 ميگا واٽ بجلي سسٽم ۾ اچي ويندي، وزيراعظم پاڻي بجلي واري وفاقي سيڪريٽري کي ذميدارن جي تعين جو ٽاسڪ ڏيندي هدايت ڪئي ته بجلي جي فراهمي جي مانيٽرنگ لاءِ ڪميٽي بڻايو، ٽيم بجلي جي فراهمي جو هر ڪلاڪ جائزو وٺندي.