اسلام آباد (بيورو): قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته ان اتحاد جو مقصد ڇا آهي ۽ ڪهڙا ڪم ڪندو، اتحاد سان انتهاپسندي وڌي رهي آهي، هڪ اسلامي ملڪ تي ويٺي ويٺي پابنديون لڳايون ويون، وزيراعظم ايوان کي اتحاد ۽ پنهنجي دوري جا تفصيل ٻڌائي، هن چيو ته اسان رڳو وزيراعظم جي ڳالهه ٻڌنداسين، ڪنهن وزير جي نه، وزيراعظم جي اچڻ تي پوري اپوزيشن جي ذميداري کڻان ٿو، واعدو ٿا ڪريون وزيراعظم آيو ته ايوان ۾ هڪ نعرو به نه لڳائينداسين، وزيراعظم ايوان کي ٻڌائي ته اڳتي ڇا ٿيڻو آهي، پاڪستان ڇا سوچي رهيو آهي، خورشيد شاهه چيو ته اسان اتحاد کان ٻاهر اچي اڻڌريو ڪردار ادا ڪنداسين يا نه، حڪومت خراب وقت ۾ سچو ڪوڙو خط بڻائيندڙ قطري شهزادن جو ته خيال ڪري ها.