وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي: پاڪستان بار ڪائونسل جو اڄ سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان

July 19, 2017 at 6:18 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

لاهور (م ڊ) پاڪستان بار ڪائونسل جي آءِ ٽي رپورٽ تي وزيراعظم نواز شريف کان استعيفيٰ لاءِ سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪيو آهي. وڪيل اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي شريف خاندان کي سدائين لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي. پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين احسن ڀون ۽ ٻين وڪيل تنظيمن جي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جمهوريت تي يقين رکون ٿا ۽ سڀني جو بنا امتياز احتساب چاهيون ٿا. هنن چيو ته پاناما ليڪس جو فيصلو ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. اسان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سپريم ڪورٽ سان گڏ بيٺا آهيون، پاناما ليڪس معاملي تي وڪيل ڪنوينٽس سان گڏوگڏ آل پارٽيز ڪانفرنس به گهرائي ويندي. احسن ڀون مطالبو ڪيو ته ڪوڙا ڪاغذ فراهم ڪرڻ تي شريف ڪٽنب خلاف جلد ٽرائل مڪمل ڪيو وڃي، جيڪڏهن ڪوڙ ڳالهائيندڙن کي نه پڪڙيو ويو ته مستقبل ۾ عدالتن لاءِ ڏکيائيون پيدا ٿي سگهن ٿيون.27

اي پيپر