هڪ ماڻهو گاريون ڏيندو آهي، اسان ٻڌندا آهيون پر جواب ناهيون ڏيندا، اڄ سنڌ کي کنڊر بڻايو ويو آهي: خواجا سعد رفيق

February 3, 2017 at 10:51 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي وار وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته مسلم ليگ ن جي قيادت جي ڪردار ڪشيءَ وارو عمل جاري آهي، اسان جي حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ قومي خزاني ۾ ڪجھه به نه هو، ملڪ ۾ دهشتگرد ڦرندا هئا، 2013ع ۾ پاڪستان جو ڏيوالو نڪرڻ جون ڳالهيون ٿينديون هيون، الحمرا ڪلچرل ڪامپليڪس ۾ ن ليگ جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي خواجا سعد رفيق جو چوڻ هو ته چيو ويندو آهي ته ليگي وزير ڪم نه ٿا ڪن، اسان کي ڪم ڪرڻ به ايندو آهي ۽ دفاع ڪرڻ به ايندو آهي، هڪ ماڻهو گاريون ڏيندو آهي، اسان ٻڌندا آهيون پر جواب ناهيون ڏيندا، اسان واعدو ڪيو هو ته ملڪ مان توانائيءَ جو بحران ختم ڪري ڇڏينداسين، عمران خان ۽ پرويز خٽڪ کي ڪم کان ڪنهن روڪيو آهي، اڄ سنڌ کي کنڊر بڻايو ويو آهي، ڪافي وقت کان مسلم  ليگ ن جي قيادت ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي، الزام هڻن بدران ڪم ڪيو ها ته خيبرپختون خواهه ۽ سنڌ جو عوام جي عوام جي ٻڌي وڃي ها، ن ليگ جڏهن ايندي آهي ته ايٽم بم ٺاهي ڏيکاريندي آهي، موٽر وي ٺاهيندي آهي، سنڌ ۾ هڪ به ميگا پراجيڪٽ مڪمل ناهي هيو، اسان ڪنهن سياسي مصلحت جو شڪار ناهيون ٿيا، ڀتي خورن ۽ ٽارگيٽ ڪلرن جو پيڇو ڪيو، عوام جي ووٽ نواز شريف کي طاقت ڏني، ڪراچي ۽ بلوچستان جو امن بحال ٿي رهيو آهي، ملڪ لوڊشيڊنگ وڪوڙيل هو، مخالفن ترقياتي ڪمن ۾ اسان جو مقابلو نه ٿا ڪري سگھن، عمران خان کي سي پيڪ مان تڪليف آهي ته پوءِ اسان ڇا ڪيون؟ ڪراچيءَ وارو ڀوت بوتل ۾ بند ٿي ويو آهي، پختون خواهه ۾ هڪ به ميگا پراجيڪٽ جو ڪم ناهي ٿيو، اسان عمران خان کي پارليامينٽ ۾ واپسيءَ جو رستو ڏنو، اقتصادي راهداري ملڪي ترقيءَ جو عظيم منصوبو آهي، اسان ڪڏهن خاندانن جو دفاع ناهي ڪيو، اسان جي بي عزتيءَ جي ڪوشش نه ڪيو اسان ان جي اجازت نه ڏينداسين، عدالت جو فيصلو اڃا ناهي آيو، ڪجھه سياستدارن پاڻ ئي جج بڻجي ويا آهن، ووٽ وٺي آيا آهيون، ووٽ سان وينداسين ۽ وري ووٽ سان ئي واپس اينداسين، اسان جي وات ۾ به زبان آهي پر ان جو استعمال سوچي سمجھي ڪندا آهيون، هي ورڪرز ڪنوينشن پهريون جواب آهي ان کي سمجھو.

اي پيپر