نيشنل ايڪشن پلان جي نگراني ۽ عملدارآمد جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي قائم

April 14, 2017 at 7:29 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (بيورو): نيشنل ايڪشن پلان جي نگراني ۽ عملدارآمد جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي، اسپيڪر اياز صادق جي سربراهيءَ ۾ قائم ڪميٽي ۾ عمران خان به شامل هوندو، قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق قومي سلامتي بابت 33 ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا نيشنل ايڪشن پلان جي نگراني ۽ عملدرآمد جو جائزو وٺندي، ڪميٽي سينيٽ چيئرمين ۽ اسپيڪر اياز صادق جي مشاورت سان قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ اسپيڪر کي ضرورت وقت تبديلين جو به اختيار ڏنو ويو آهي، اسپيڪر اياز صادق جي سربراهيءَ ۾ جڙيل ڪميٽي ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان، سراج الحق، فضل الرحمان، نويد قمر، فاروق ستار، پرويز الاهي، شيخ رشيد ۽ غلام محمد بلور به شامل آهن، ڪميٽي جو قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، جيڪا انتهائي اهميت وارا قومي سلامتي جا معاملا به ڏسندي، جنهن جا چار هدف مقرر ڪيا ويا آهن، ڪميٽي نيشنل ايڪشن پلان جي مانيٽرنگ ۽ عملدرآمد جو جائزو وٺڻ کانسواءِ سول عدالتن ڏانهن منتقل ٿيندڙ ڪيسن کي به ڏسندي ۽ پنهنجون رپورٽون پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪندي.

اي پيپر