نيشنل ايڪشن پلان جا هاڪاري نتيجا سامهون، عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ پيشيءَ کان ڇوٽ پيو گھري: مريم اورنگزيب

February 16, 2017 at 2:09 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (م ڊ)سڌ سماءَ بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ساڍن ٽِن سالن کان دهشتگرديءَ خلاف جنگ وڙهي پئي وڃي، نيشنل ايڪشن پلان جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، اڃا به دهشتگرديءَ جي واقعن تائين جنگ جاري رهندي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته بزدل دهشتگرد اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگھن، ضرب عضبت جي ڪري دهشتگرديءَ ۾ گھٽتائي اچي رهي آهي، عمران خان چيو ته اڄ خبر پئجي رهي آهي ته فليٽ 2006ع ۾ خريد ڪيا ويا، عمران خان روز سپريم ڪورٽ ۾ حاضري ڏيندو آهي، پي ٽي آءِ هڪ به ڪاغذ نه ڏنو جيڪو شريف فئمليءَ جي شاهدن خلاف هجي، عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ پيشيءَ کان ڇوٽ گھري رهيو آهي.36

اي پيپر