نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ٿئي ها ته لاهور جهڙا واقعا پيش نه اچن ها: بلاول ڀٽو زرداري

April 6, 2017 at 11:26 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي(استاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري لاهور ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ٿئي ها ته لاهور جهڙا واقعا پيش نه اچن ها، لاهور جي شهرين کي دهشتگردن جي رحم ۽ ڪرم تي نه ٿو ڇڏي سگهجي. بلاول ڀٽو زرداري سکر روانگي کان اڳ نئون ديرو هائوس ۾ ڳالهائيندي لاهور ڌماڪي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته وفاقي سرڪار نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرائي ها ته صورتحال اهڙي نه هجي ها. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، دهشتگردن جو ڪو مذهب نه آهي اسلام مظلوم ماڻهن کي شهيد ڪرڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي. هن چيو ته  عوام هر قسم جي دهشتگردي خلاف وڙهي رهيو آهي، پيپلز پارٽي دهشتگردي واقعن ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارث آهي.

اي پيپر