نيب ڪرپشن ڪندڙن جو مددگار بڻيل آهي: سپريم ڪورٽ
January 2, 2017 at 10:22 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد/ لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ نيب طرفان ڪرپشن جي رقم جي رضاڪاراڻي واپسي واري قانون تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته احتساب بيورو ڪرپشن ڪندڙن جو سهولتڪار بڻيل آهي. سپريم ڪورٽ ۾ نيب طرفان رقم جي رضاڪاراڻي واپسي بابت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس امير هاني مسلم ۽ جسٽس عظمت سعيد شيخ جي سربراهي ۾ ٿي. ان موقعي تي جسٽس عظمت سعيد شيخ ريمارڪس ڏيندي چيو ته نيب ڪرپشن ڪندڙن جو سهولتڪار بڻيل آهي، اڍائي سئو ارب وارو جيل هليو ويندو آهي جڏهن ته اڍائي ارب رپين وارو ڊيل ڪري آزاد ٿي ويندو آهي، نيب ڪرپشن ڪيو ۽ ڪرپشن ڪرايو جا اشتهار ڇو نٿو ڇپرائي. نيب جي پراسيڪيوٽر ان موقعي چيو ته پلي بارگين جو قانون اسان ناهي ٺاهيو جنهن تي جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا ته قانون ناهي ٺاهيو پر ان جو غلط استعمال ضرور ڪري رهيا آهيون اڄ تائين ڪنهن به وڏي شخص ناهي پڪڙيو ويو. ٻئي پاسي نيب چيئرمين قمر الزمان چوڌري پلي بارگين جو بچاءُ ڪرڻ جي لاءِ ميدان ۾ اچي ويو ۽ هن چيو ته بهتر ڪم ڪري رهيا آهيون ان ڪري ڪجهه تڪ اسان سان ناراض آهن. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين قمر الزمان چوڌري جو چوڻ هو ته مئي ۾ بلوچستان ۾ مني لانڊرنگ جو هڪ ڪيس سامهون اچي ٿو ۽ ڊسمبر تائين ان مان 3 ارب 30 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا ٿا وڃن ان تي اسان تي تنقيد بدران شاباسي ملڻ گهرجي هن چيو ته سياسي دٻاءُ جو شڪار آهيون ۽ نه ڪنهن سان دوستي دشمني آهي، اسان بهتر ڪم ڪري رهيا آهيون ان ڪري ڪجهه تڪ ناراض آهن. هن وڌيڪ چيو ته خالد لانگي جو ڪيس عدالت ۾ هلي رهيو آهي ۽ ڪيس جاچ لاءِ شامل ٻئي جوابدار واعدي معاف گواهه بڻجي چڪا آهن.