نيب چيئرمن کي سنڌ ۾ ڪارروائيون ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو آهي؛ضياءُ الحسن لنجار
July 12, 2017 at 7:31 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي قانون ۽ جيلن واري صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته نيب چيئرمن کي سنڌ ۾ ڪارروائيون ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو آهي،نيب هاڻ صرف وفاقي ادارن ۾ موجود ملازمن خلاف ڪارروائي ڪري سگهي ٿي، باقي صوبائي ملازمن خلاف ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ۾ ٿيندڙ قانون جي خاتمي ۽ نئين قانون جي تشڪيل جي متعلق قائم ڪميٽي جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته شفاف احتساب جي قانون ٺاهڻ لاءِ مشاورت واور عمل جاري آهي، گورنر سنڌ نيب قانون تي دستخط ڪيو آهي يا نه ان بابت عمل ناهي، گورنر هائوس مان باضابطا سنڌ حڪومت کي تحريري جواب ناهي مليو، اميد آهي ته هفتي تائين سنڌ ۾ نئون قانون ۽ اداري جي قيام جي لاءِ بل کي حتمي شڪل ڏني ويندي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام کي بهتر احتساب جو نظام ڏينداسين جيڪو سڀني کي قبول هوندو،اميد آهي ته گذريل ڀيري جيان هن وقت به رينجرز اختيارن وارو معاملو سٺي نموني حل ٿي ويندو. احتساب جو قانون ٺاهڻ اسيمبلي جو اختيار آهي احتسان جو نئون قانون ٺاهڻ لاءِ اينٽي ڪرپن جو قانون ۽ نئين ڊرافٽ جو گڏيل جائزو ورتو پيو وڃي.ان موقعي تي ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ ضمير گھمري چيو ته اينٽي ڪرپشن لاز کي سنڌ ۾ وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪري رهيا آهيون جيئن ته ٻين صوبن جا اينٽي ڪرپش لاز به غور هيٺ آيا ۽ اهو طيئي ٿيو ته اينٽي ڪرپشن جو سبجيڪٽ صوبائي آهي ۽ ان تي قانون سازي جو حق صوبائي حڪومت کي آهي. اجلاس ۾ گھرو وزير سهيل انور سيال، اطلاعات واري وزير سيد ناصر حسين شاھ، ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.