نيب شريف ڪٽنب خلاف ريفرنس لاءِ چوڌري شگر ملز جو رڪارڊ حاصل ڪري ورتو

August 25, 2017 at 12:48 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد(بيورو) نيب شريف ڪٽنب خلاف ريفرنسز جي لاءِ چوڌري شگر ملز جو رڪارڊ حاصل ڪري ورتو آهي جڏهن ته ريڪارڊ ٽيمپرنگ بابت ايس اي سي پي جي ڊائريڪٽر ماهين فاطمه کي به طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايس اي سي پي جي اختيارين چوڌري شگر ملز جو رڪارڊ نيب اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو، چوڌري شگر ملز بابت جوائنٽ ڊائريڪٽر ايس اي سي پي علي عدنان انڪوائري ڪري رهيا آهن، نيب اختيارين شريف خاندان کي وڌيڪ طلب نه ڪرڻ جو فيصلو ڪندي موجوده رڪارڊ سان شريف خاندان خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن جي لاءِ ايس اي سي پي کان چوڌري شگر ملز جو رڪارڊ حاصل ڪيو ويو آهي جڏهن ته جي آءِ ٽي، ايف آءِ اي ۽ ٻين ادارن کان ملندڙ دستاويزن کي به ريفرنسز جو حصو بڻايو ويندو.

اي پيپر