نواز شريف کي پائي پائي جو حساب ڏيڻو پوندو: اعتزاز احسن

January 31, 2017 at 11:40 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

لاهور/ سکر(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته ايڏي وڏي رقم جو ڪيش ۾ بزنس ڪير به تسليم نه ڪندو، نواز شريف کي پائي پائي جو حساب ڏيڻو پوندو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته وزيراعظم نواز شريف پنهنجي پٽن جي ڪمن جو ذميوار آهي، کيس 1978ع کان وٺي هيل تائين پائي پائي جو حساب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ايڏي وڏي ڪيش رقم جو بزنس ڪيئن ٿو تسليم ڪري سگهجي، ماڻهو هر قسم جي سياستدان کي ووٽ ڏين پر ڪوڙي کي ووٽ نه ڏين. هڪ سوال جي جواب ۾ سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پاناما ڪيس ۾ وڪالت ڪرڻ لاءِ نه چيو هو. ٻئ پاسي مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ليگي حڪمرانن تي ڪرپشن جو داڳ وڌيڪ ڪارو ٿيندو پيو وڃي، اڳوڻي دور ۾ پيپلز پارٽي سان ناانصافي ٿي. سکر ۾ پنهنجي گهر آيل رحيم يار خان جي پارٽي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته پاناما اسڪينڊل ۾ پيپلز پارٽي جي وزير اعظم تي 10 سيڪڙو به ڪرپشن جو الزام لڳو هجي ها ته هن وقت تائين اسان لاءِ طوفان اچي وڃي ها.

اي پيپر