نواز شريف ڊڄڻ وارو  ناهي، سازشي مهرا پاڪستان جي ترقي ۾ رنڊڪ آهن: مريم نواز

September 11, 2017 at 9:23 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

لاهور (م ڊ): مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته ميان صاحب ڊڄڻ وارو ناهي، جلد واپس ايندو، پوري دنيا تماشو ڏٺو ته ڏيڍ سال پاناما ڪيس هليو ۽ آخر ۾ اقامي تي نااهل ڪيو ويو، سازشي مهرا پاڪستان جي ترقي ۾ رنڊڪ آهن، جيڪي مهرا آهن، اهي قوم جي سامهون آهن، انهن جو نالو وٺڻ جي ضرورت ناهي، هي مهرا ڪڏهن عدليه ته ڪڏهن اليڪشن ڪميشن جي پٺيان لڪي ويندا آهن، اڳوڻي وزيراعظم جي ڌيءَ جو چوڻ هيو ته پاناما ڪيس دنيا جو پهريون ڪيس آهي، جنهن ۾ سزا پهرين ٿي ۽ ڪيس بعد ۾ اماڻيو ويو، پوري دنيا تماشو ڏٺو ته ڏيڍ سال پاناما ڪيس هليو ۽ آخر ۾ اقامي تي نااهل ڪيو ويو، ڪيس هليو ته وڏي پٽ کان پئسا ڇو ورتا؟ نااهلي ٿي ته ننڍي پٽ کان پگهار ڇو نه ورتي؟، هن اپوزيشن جماعتن کي پيغام ڏيندي چيو ته اسان جو مستقبل روشن آهي، روڪي سگهو ٿا ته روڪي وٺو، مريم نواز چيو ته ڪجهه مهرا آهن، انهن جو نالو وٺڻ جي ضرورت ناهي، سياسي ۽ چونڊ ميدان ۾ اهي ئي مهرا ن ليگ جو مقابلو نٿا ڪري سگهن، اهي ڪڏهن عدليه، ڪڏهن سازشن جي پٺيان لڪندا آهن، مريم نواز چيو ته سازشي مهرن جي سڀني کي خبر آهي، باقي وقت ٻڌائيندو، وقت ۽ قدرت جو انسانن کي سيکارڻ جو پنهنجو طريقو آهي، ليگي اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هيو ته ميان صاحب ڊڄڻ وارو ناهي، نه ئي گهٻرائيندو آهي، ميان صاحب جلد واپس ايندو، مريم نواز جو چوڻ هيو ته سڀ ڄاڻين ٿا ته والده جي بيماري سبب اهو لنڊن ۾ رهيل آهي.

اي پيپر