لاهور( م ڊ ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي گهر واري تهمينا دراني چيو آهي ته نواز شريف پنهنجي وفاداري ڀاءُ کي ڏکيائي ۾ وجهڻ بدران قوم کي خطاب ڪري وٺي ها، هو اڳوڻي وزيراعظم جي خير سان گهر واپسي لاءِ دعا آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ تهمينا دراني چيو ته شريف خاندان ۾ ڪو به تڪرار ناهي، منهنجو ماضي شاهد آهي ته مان آزاديءَ سان ڳالهائيندي آهيان. هن چيو ته وڏي وزير کان ريلي جي حفاظت جي ذميواري ڏيڻ ۽ بي رحماڻو ۽ غير محتاط مطالبو آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن نواز شريف مون کان مشورو ڪري ها ته مان درخواست ڪيان ها ته هو پنهنجي نهايت وفادار ڀاءُ پنجاب جي وڏي وزير کي اهڙي تڪراري صورتحال ۾ وجهڻ بدران قوم کي خطاب ڪري ها. تهمينا دراني چيو ته ڪابه ڪابه حڪومت عام ماڻهو جي استعمال هيٺ مصروف ترين روڊ کي مرمتي ڪم کانسواءِ ٽن ڏينهن تائين بند رکڻ جو اختيار نه ٿي رکي، مان افسوس ئي ڪري سگهان ٿي. هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير چئن سالن ۽ 9 مهينن دوران هڪ ڏينهن به آرام نه ڪيو آهي، سندس ڪم ۾ مسلسل رنڊڪ وڌي وئي، هو شاهي خيال رکندڙ سياستدان ڪڏهن به نه رهيو آهي. تهمينا دوراني چيو ته مان نواز شريف لاءِ دعا ئي ڪري سگهان ٿي ته هو حفاظت سان گهر پهچي ۽ پنهنجي سمورن صلاحڪارن کي فارغ ڪري ڇڏي.