نواز شريف جي ٻارن ۽ ناٺي جا گرفتاري وارنٽ لنڊن جي پتي تي اماڻيا ويا
September 29, 2017 at 8:31 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (بيورو): اسلام آباد جي احتساب عدالت طرفان جاري نواز شريف جي ٻارن ۽ ان جي ناٺي جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ لنڊن جي پتي تي اماڻيا ويا آهن، اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب ريفرنس ۾ پيش نه ٿيڻ تي مريم، حسن ۽ حسين نواز سميت ڪيپٽن (ر) صفدر جا ضمانت جوڳا وارنٽ جاري ڪيا هئا ۽ انهن کي 2 آڪٽوبر تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، ذريعن موجب عدالت مان جاري ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ نواز شريف جي ٻارن کي لنڊن جي پتي تي اماڻيا ويا آهن، جڏهن ته مريم نواز شريف جي مڙس ڪيپٽن (ر) صفدر کي به لنڊن جي پتي تي طلبي جو وارنٽ اماڻيو ويو آهي، ذريعن ٻڌايو ته گرفتاري وارنٽ حسين نواز، حسين نواز ۽ مريم نواز جي نالي تي آهن، جن تي ايون فيلڊ فليٽس لنڊن جو پتو لکيل آهي، جڏهن ته وارنٽ لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ذريعي اماڻيا ويا، واضح رهي ته نيب ريفرنس تي احتساب عدالت نواز شريف تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 2 آڪٽوبر جي تاريخ مقرر ڪئي آهي، جڏهن ته اسحاق ڊار تي فرد جرم لاڳو ٿي چڪي آهي، نيب پاناما ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ شريف خاندان خلاف ٽي ۽ اسحاق ڊار خلاف هڪ ريفرنس داخل ڪيو آهي.