نواز شريف بند ڪمري ۾ ڦاسي ويو آهي، هاڻي جي آءِ ٽي ميمبرن کي خريد ڪندو: اعتزاز احسن

June 14, 2017 at 11:16 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

لاهور (م ڊ): پيپلز پارٽي اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته نواز شريف بند ڪمري ۾ ڦاسي ويو آهي، ڀت ڀڃي ٻاهر نڪرڻو پوندو، نواز شريف بچڻ لاءِ ٽي پلان جوڙيا آهن، ڪاغذن ۾ ڦير ڦار، جي آءِ ٽي ميمبرن کي خريد ڪري فيصلو پنهنجي حق ۾ وٺي ڇڏيندا يا پوءِ سپريم ڪورٽ بئنچ کي تڪراري ڪري فيصلو پنهنجي حق ۾ وٺي ڇڏيندا ۽ 1998 وانگر هنگامو به ٿي سگهي ٿو، ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته پاناما ڪيس مان شريف خاندان وٽ بچڻ جو ڪو رستو ناهي، نواز شريف بند ڪمري ۾ ڦاسي چڪو آهي، جڏهن ته انهن بچڻ لاءِ ٽي منصوبا جوڙيا آهن، هڪ اهو آهي ته ڪاغذن ۾ ڦير ڦار ۽ جي آ3 ٽي ميمبر خريد ڪري فيصلو پنهنجي حق ۾ وٺي ڇڏڻ پوءِ سپريم ڪورٽ بئنچ کي تڪراري ڪري فيصلو پنهنجي حق ۾ وٺي ڇڏين ۽ ٽيون پلان اهو آهي ته 1998 وانگر پنهنجي گلو بٽن کي سپريم ڪورٽ وٺي وڃي وڳوڙ ڪرائين، هن چيو ته نواز شريف سعودي عرب ۽ قطر جو ممنون حسين آهي، هن رياض وڃي اڳوڻو آمريڪي پرڏيهي وزير هنري ڪسنجر بڻجڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، سعودي عرب نواز شريف کان سڌو پڇيو ته اهو ڪنهن سان گڏ آهي، شاهه سلمان سڌن لفظن ۾ چيو ته پناهه، پئسا ۽ تيل اسان کان وٺندا آهيو ۽ ڳالهه قطر جي ڪريو ٿا، پنهنجي پوزيشن واضح ڪريو، ڪنهن سان گڏ آهيو.

اي پيپر