نوازشريف جي واپسي ۾ دير سبب عدالتي ڪاروائي ۽ ڪيسن سان منهن ڏيڻ کان بچڻ ٿي سگھي ٿو : خورشيد شاهه
September 15, 2017 at 7:45 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (اين اين آءِ)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي لنڊن مان پاڪستان واپيسي ۾ دير سب ب ظاهري طور تي عدالتي ڪاروائي سان منهن ڏين ۽ ڪيسن کان بچڻ تي سگھي ٿو، سيد خورشيد شاهه چيو ته جيڪڏهن نوازشريف پنهنجي گھر واري جي عيادت ڪرڻ لاءِ لنڊن ويو هو پر هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جي نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي ان جو ڏيهه واپس نه اچڻ منابس ناهي، هن چيو ته جھڙي طرح نوازشريف نااهلي کانپوءِ جي ٽِي روڊ تي ريلي ڪڍي ته ان کانپوءِ اهڙي طرح جا دير وارا طريقا استعمال ڪرڻ خود نوازشريف جي سياست نه پر ان جي پارٽِ جي لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي هن چيو ته ملڪ ۾ ٻه قانون نه ٿا هلي سگھن. انڪري اهو چوڻ ته جيستائين سپريم ڪورٽ نظرثاني درخواستن تي فيصلو نه ٻڌائي ٿي تيستائين ڏيهه واپس نه اچو ڪو به جواز ناهي، خورشيد شاهه چيو ته مان سمجھان ٿو ته نوازشريف هر صورت ۾ پاڪستان واپس اچي عدالتي ڪاروائي سان منهن ڏيڻ گھرجي جيڪ وان لاءِ تمام ضروري آهي، هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا سميت پ پ پ جي وزيرن جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو، پر پاناما فيصلي کانپوءِ شريف خاندان آزاد آهي. جنهن پاڻ اهار روايت قائم ڪئي هئي. هن چيو ته ظاهري طور تي ائين لڳي ٿو ته هن ملڪ ۾ ٻه قانون هلي رهيا آهن جنهن تي تحت عدالتون ته فيصلو ڪن ٿيون پر انکي عملدرآمد ٿيڻ هڪ وڏو سوال آهي. نوازشريف جي نااهلي کانپوءِ نئين چونڊيل وزيراعطم شاهد خاقان عباسي بابت ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پاڻ نون ليگ انکي دل سان تسليم نه ڪيو انهي ءِ سبب ڪابينا جي ڪارڪردگي ڪمزور نظر اچي رهي آهي.