نوازشريف اڄ اسلام آباد کان لاهور پهچندو، ن ليگ سياسي طاقت جو ڀرپور مظاهرو ڪرڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون
August 9, 2017 at 8:53 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
لاهور (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف اربع جي ڏينهن اسلام آباد کان لاهور پهچندو. مسلم ليگ (ن) نوازشريف جي لاهور آمد تي سياسي طاقت جو ڀرپور مظاهرو ڪرڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن. مال روڊ سميت مختلف جاين تي قيادت جون تصويرون بينر پينافليڪس لڳايا ويا، پوليس اڳوڻي وزيراعظم جي لاهور اچڻ جي موقتي آجيان ڪندڙ ريلي ۽ ميڙ کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا انتظام ڪيا آهن جنهن جي لاءِ هزارين اهلڪار حفاظتي ڊيوٽن تي هوندا، مسلم ليگ نون جي حڪومت اڳوڻي وزيراعظم کي قافلي جي صورت ۾ اربع جي ڏينهن 9 وڳي پنجاب هائوس کان ڊي چوڪ ويندو. ڊي چوڪ کان قافلو بليو ايريا مان ٿيندو، زيرو پوائنٽ ۽ فيض آباد پهچندو، فيض آباد کان نوازشريف جو قافلو مري روڊ کان راولپنڊي ۾ داخل ٿيندو، مري روڊ کان گذرندو راولپنڊي ڪچهري ۽ پوءِ روات ويندو، روات کان نوازشريف قافلي سميت جي ٽي روڊ جي ذريعي لاهور پهچندو. پي ٽي آئي اڳواڻن کان ريلي جي رستي ۾ گڙٻڙ نه ڪرڻ جي خاطري ورتي ويندي، جڏهن ته جي ٽي روڊ تي پي ٽي آئي جي آفيسن کي بند رکيو ويندو.