نصير آباد جي سياسي سماجي ۽ صحافي برادري پاناما فيصلي کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو
April 21, 2017 at 6:38 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
نصيرآباد ( رپورٽر) نصيرآباد جي سياسي سماجي ڌرين پاناما جي فيصلي کان بعد ڏنل رايا هيٺ پيش ڪجن ٿا، عوامي ورڪرز پارٽي ضلع لاڙڪاڻي جي اڳواڻ سينگار نوناري چيو ته هي اهڙو فيصلو ڏنو ويو آهي جنهن جي اسان کي پڪ هئي ته هن فيصلي کانسواء ٻيو فيصلو نه ايندو جڏنهن ته ٻن ججن وزير اعظم خلاف فيصلو ڏئي چيو آهي ته هي اهل نه آهي باقي سپريم ڪورٽ کي پنهنجي مٿي مان سور ڪڍي جي آء ٽي قائم ڪئي وئي آهي جنهن مان به عوام مايوس آهي اجائي عوام جو وقت وڃايو ويو جن پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي فيصلي واري ڏينهن ٽي وي تي فيصلي جو انتظار ڪندا رهيا پر اهو وقت جو ضيان هيو هن آخر ۾ چيو ته ملڪ ۾ عوام جو ڌيان هٽائڻ جي لاءِ بجلي گئس پاڻي صحت تعليم سميت انهن شين جو ملڪ ۾ بحران هيو ان ڪري فيصلي کي وڌيڪ اينگھايو ويو آهي ته جيئين عوام جو ڌيان ان طرف هجي ، سينيئر صحافي صدر نصيرآباد پريس ڪلب حافظ عاشق حسين ڦلپوٽو پاناما بابت پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته اهڙو فيصلو رڳو پنجابي وزير اعظم کي بچائڻ جي لاءِ ڏنو ويو آهي سڄي ملڪ پاڪستان جي عوام سان ڄڻ مزاق ڪيو ويو آهي رڳو وقت ضايع ڪيو ويو آهي اهڙي فيصلي اچڻ بعد عوام پاڻ پنهنجو فيصلو ڪندو، پ پ پ اڳواڻ وائيس چيئرمين حاجي وزير ڦلپوٽو چيو ته هي جيڪو فيصلو آيو آهي اهو نواز شريف کي بچائڻ لاء ڏنو ويو آهي نواز شريف کي تحفظ ڏنو ويو آهي اسان کي پڪ آهي ته لاهور وارن جي لاء هڪڙو فيصلو هوندو آهي باقي لاڙڪاڻي وارن لاء سدائين سخت فيصلا ڏنا ويا آهن جي آء ٽي تي اعتبار نه آهي ڇو جو ڪجھ ادارا وزير اعظم جي ماتحت آهن جيڪي ان خلاف فيصلو نه ٿا ڏئي سگھن وري به اهو نواز شريف کي بچائڻ جو طريقو آهي، عوامي ورڪرز جي ناري محاذ جي اڳواڻ مهرالنساء چنه پنهنجا ويچار ڏيندي چيو ته پاناما وارو معاملو هٿرادو اشو آهي اهو اشو انهن پاڻ ڪرايو آهي ته جيئن مشعال خان ۽ نورين لغاري بجلي گئس پاڻي ۽ ٻين عوامي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ جي لاء اهڙو افيصلو ڪيو ويو آهي اهڙيون ڳالهيون ڪري غريب عوام کي پريشان ڪيو پيو وڃي ، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ عنايت تنيي چيو ته پاڪستان جي عدليا آزاد آهي ۽ پاناماليڪس جو فيصلو دل سان قبول ڪريون ٿا وزير اعظم جي خلاف جيڪا جي آء ٽي جوڙي وئي آهي ان تي اعتماد ڪجي ٿو جيڪابه جي آء ٽي رپورٽ کان بعد سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيو اها پاڪستان جي عزت ۽ وقار جي لاء قبول ڪيو ويندو، پ پ پ اڳواڻ روشن شيخ چيو ته حقيقت آهي ته اهو فيصلو جيڪو به آيو آهي اهو نواز شريف جي خلاف آيو آهي مون کي پڪ آهي ته جيڪي ڪاميٽي جوڙي وئي آهي اها به نواز شريف خلاف فيصلو ڏيندي باقي هن کي ڪجھ ٽائم پوئتي ڪرڻ سان اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي با قي نواز شريف جا ماڻهون اجائي مٺائي ورهائي رهيا آهن فيصلو ته اڃا پوئتي رهيل آهي هرو ڀرو نچي ڪڏي پنهنجن کي راضي ڪري رهيا آهن، پ پ پ اڳواڻ سردار ضمير حسين مسڻ چيو ته وقت جو ضيان ڪيو ويو آهي مونکي پڪ نه پئي اچي ته جاچ ڪاميٽي ۾ نواز شريف کي ڪجھ ٿيندو اهو به ان کي بچائڻ جو طريقو آهي هن چيو ته جاچ ڪميتي ۾ ڪجھ ادار وزير اعظم جي هيٺان ڪم ڪري رهيا آهن اهي ان خلاف ڇا ڪري سگهندا وڌيڪ فيصلو عوام پاڻ ڏسي ته ڪير ڪيترو سچو آهي، پ پ پ سپاف جي اڳواڻ عبدالميجد بروهي چيو ته ٻن معزز جج صاحبان وزير اعظم کي نا اهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي انهن سخت موقف ڏيندي چيو آهي ته نواز شريف صادق امين نه آهي انڪري هو نا اهل ثابت ٿي چڪو آهي هينئر نواز شريف کي اخلاقي طور تي استعيفا ڏيڻ گھرجي پاناما فيصلي ۾ هڪ اشو کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو ويو آهي اهو آهي مريم نواز جنهن جو نالو ئي فيصلي مان ۽ ڪيس مان ڪٽيو ويو آهي پاناما فيصلي بعد مٺايون ورهائيندڙ احمَ آهن فيصلو انهن جي خلاف آيو آهي اهي نا اهل ٿي وڃڻ باوجود ڪرسي کي چنبڙيل آهن