نصيرآباد پوليس پاران ڏوهارين سان مقابلو، فائرنگ سبب 3 ڏوهاري مرڻينگ، لاڙڪاڻي اسپتال داخل

February 28, 2017 at 6:03 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

نصيرآباد ( رپورٽر) نصيرآباد پوليس پاران ڏوهارين سان مقابلو فائرنگ سبب ٽي ڏوهاري سخت زخمي لاڙاڪاڻي اسپتال داخل خبر موجب نصيراباد باء پاس ڀرسان نوناري محلي مان ٽن ڦورن واپاري علي گل ساکاڻي کان موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي رھيا ھيا ته نصيرآباد ٿاڻي جي گشتي پوليس واقعي واري جاء تي پھتي.جتان نشاندھي تي نصيرآباد پوليس ايس ايڇ او نصيرآباد عبدالوحيد ابڙو  ڦورن جي ڪار پويان لڳي پئي ڦورن ۽ پوليس وچ ۾ نصيرآباد کان وڳڻ شھر تائين مين انڊس ھاء وي تائين فائرنگ ٿيندي رھي جنهن بعد ايس ايڇ او نصيرآباد عبدالوحيد ابڙو پاران ڊي ايس پي نصيرآباد ۽ ايس ايڇ او وڳڻ کي اطلاع ڪيو جنهن بعد نيٺ وڳڻ ٻاھران نصيرآباد پوليس ڦورن جي ڪار مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ ٽي ڦورو رياض احمد ٻٻر.محمد حلال پنجابي ء پٺاڻ بليدي کي گرفتار ڪري ھٿيارن سميت پڪڙي ورتو.ٻڌايو پيو وڃي ته زخمي ڦورن کي لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي واضع رهي ته ڦورن سان مقابلي ۾ ڊي ايس پي وڳڻ فهيم فاروقي ۽ ايس ايڇ او وڳڻ جان محمد سامٽيو پڻ حصو ورتو .

اي پيپر