ناڪام ليگ جي ننڍن صوبن سان ناڪام پاليسين تي عوام سراپا احتجاج آهي: نثار کهڙو
May 17, 2017 at 5:54 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي (م ڊ): سينئر صوبائي وزير نثار کهڙو چيو آهي ته پاڻي، بجلي عوام جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، نواز شريف سنڌ جي عوام سان زيادتيون ڪري بدلو وٺي رهيو آهي، هن چيو ته ناڪام ليگ جي ننڍن صوبن سان ناڪام پاليسين تي عوام سراپا احتجاج آهي، سنڌ ۾ 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري عوام کي اوندهه ۾ ڌڪيو پيو وڃي، نثار کهڙي چيو ته وفاق جي سنڌ خلاف سازشن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين، ناڪام ليگ کان نجات حاصل ڪري وٺنداسين.