نااهل شخص جي پارٽي صدارت خلاف پ پ جو قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيل بل رد

November 22, 2017 at 3:40 am

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان نااهل شخص جي پارٽي صدارت خلاف قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيل بل رد ڪيو ويو آهي، ايوان ۾ 98 ميمبرن بل جي حمايت، جڏهن ته 163 ميمبرن ان جي مخالفت ڪئي. پ پ اڳواڻ نويد قمر قومي اسيمبليءَ ۾ نواز شريف جي پارٽي صدارت خلاف بل پيش ڪيو، جنهن تي پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي، قانون واري وزير زاهد حامد، عذرا پيچوهو، سعد رفيق، شازيا مري ۽ ٻين بحث ڪيو. ان دوران ن ليگ جا ميمبر ايوان ۾ گوڙ ڪندا رهيا. آخر ۾ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق ڳڻپ ڪرائي بل رد ڪري ڇڏيو. 98 ميمبرن پ پ طرفان پيش ڪيل بل جي حمايت ڪئي، جڏهن ته 163 ميمبرن ان جي مخالفت ڪئي.27

اي پيپر