مٺايون ورهائيندڙ هاڻي جي آءِ ٽي تي ڇو اعتراض ڪري رهيا آهن؟: فواد چوڌري
June 16, 2017 at 5:32 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (بيورو): پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم هائوس ۾ پيشي بعد ميٽنگ ٿي، اتي ايمبولنس موڪلڻ گهرجي، هن چيو ته احتساب ٿيندو ۽ منطقي انجام تائين ان کي پهچائينداسين، تحريڪ انصاف ڪنهن کي احتساب عمل کان پوئتي هٽڻ نه ڏيندي، لڳي ٿو پاڪستان ۾ درٻار ۽ قصيده خوان ختم ناهن ٿيا، فواد چوڌري چيو ته نواز شريف احتساب کانسواءِ جمهوريت تي يقين رکي ٿو، شريف خاندان هر جج ۽ هر آرمي چيف کي پنهنجو دشمن سمجهندو آهي، انهن ۾ پرچين کانسواءِ ڳالهه ڪرڻ جي صلاحيت ناهي، هن چيو ته مٺايون ورهائيندڙ هاڻي جي آءِ ٽي تي ڇو اعتراض ڪري رهيا آهن؟.