ميانمار ۾ روهنگيا مسلمان ٻارن جا سر قلم ڪري لاشن کي باهه ڏيڻ جو انڪشاف
September 6, 2017 at 9:36 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
لنڊن:(مانيٽرنگ ڊيسڪ) برمي فوج ۽ ٻڌ مت جي شدت پسندن کان تنگ ٿي بنگلاديش ڏانهن فرار ٿيندڙ روهنگيا مسلمان ٻارن جا سر قلم ڪرڻ ۽ انهن کي جيئرو ساڙڻ جا واقعا سامهون آيا آهن. ان ڳالهه جو انڪشاف اکين ڏٺن شاهدن ڪيو آهي. رپورٽ مطابق ميانمار جي اڀرندي رياست راکين ۾ مسلمانن جي نسل ڪشي جاري آهي ۽ ظلم ۽ ڏاڍ کان تنگ ٿي ٦۰ هزار کان وڌيڪ روهنگيا مسلمان بنگلاديش جي سرحد تي پهچي ويا آهن. برطانوي اخبار دي انڊيپينڊنٽ مطابق برمي فوج جي تشدد ۽ ظلم کان بچي ويلن هانءَ ڏاريندڙ واقعا بيان ڪيا آهن. ۴۱ ورهين جي عبدالرحمان ٻڌايو ته سندس ڳوٺ ۾ ۵ ڪلاڪن تائين لاڳيتو حملو ڪيو ويو، مردن کي هڪ ڪکائين گهر ۾ گڏ ڪري ان کي باهه ڏني وئي. هن ٻڌايو ته سندس معصوم ڀائيٽن جا سر قلم ڪيا ويا ۽ سندس سالي کي گولي هڻي قتل ڪيو ويو. هن کوڙ سارا سڙيل، ڪٽيل لاش ڏٺا جن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو. ٻئي پاسي پاڪستان جي نوبل انعام يافتا ملالا يوسف زئي ميانمر ۾ روهنگيا مسلمانن جي قتل عام ۽ تشدد جي خاتمي جو مطالبو ڪيو آهي. هڪ خانگي ٽي وي چئنل جي رپورٽ مطابق ميانمر ۾ روهنگيا مسلمانن جي نسل ڪشي تي ملالا يوسفزئي جو به بيان سامهون آيو آهي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جڏهن به هوءَ خبرون ڏسندي آهي ته ميانمر ۾ روهنگيا مسلمانن جي خراب حالت تي سندس دل ڀرجي ايندي آهي. هن مطالبو ڪيو ته روهنگيا ۾ تشدد جو خاتمو ڪيو وڃي.