موهن جو دڙو تي منعقد عالمي ڪانفرنس جا انتظام مڪمل،40 ملڪن جا اسڪالر شرڪت ڪندا

February 6, 2017 at 11:54 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڏوڪري(رپورٽ؛عبدالجبار ميمڻ) سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي 3ڏينهن عالمي ڪانفرنس جا انتظام مڪمل ثقافت کاتي جو سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري 2ڏينهن موهن جو دڙو تي پهتو، ان موقعي تي سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري کي موهن جو دڙو ڪيوريٽر ظهير الدين شر پاران نويد سانگا، ارشد جتوئي پاران موهن جو دڙو تي ٿيندڙ صوبائي وزير سردار شاهه جي حڪم تي ٿيندڙ ريسٽ هائوس، ڪينٽين، پارڪنن ۽ ڊرينج سسٽم کان علاوه  مٺي پاڻي جي  سهولتن لاءِ  ٿيندڙ ڪم جو معانو ڪيو ۽ اتي موجوده انتظاميا کي هدايت ڪئي ته جلد کان جلد موهن جو دڙو تي هلندڙ ڪم اڪلايو وڃي، ته جيئن 9 فيبروري کان وٺي عالمي سيمينار جي سلسلي ۾ ڪا به رنڊ روڪ نه ٿيئي، هن وڌيڪ چيو ته ٻاهران اسڪالرن جو اچڻ شروع ٿي ويو آهي، جن جي آمد جو پڻ بهتر کان بهتر انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن ته  ثقافت کاتي جي ڊي جي منظور ڪناسرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 3 ڏينهن عالمي ڪانفرنس لوڪ بين الاقوامي ڪانفرنس آهي، جنهن ۾ 40 ملڪن جي اسڪالر شرڪت جي ڪنفرم ڪيو آهي، جڏهن ته اڃان  15 ملڪن جي اسڪالرن سان رابطو جاري آهي، جن جي ويزائن ۽ اچڻ جو به مسئلو آهي، جيڪو سڀاڻي تائين ڪنفرم ٿيندو، جنهن کان پوءِ 55 کان 60 ملڪن جي اسڪالرن جي اچڻ جو امڪان آهي، هن چيو ته عالمي ڪانفرنس انشاهه الله موهن جو دڙو جي لاءِ بهترکان بهتر موهن تي ڪم ٿيندا، جنهن جا انتظام مڪمل ٿي ويا آهن. هوڏانهن  موهن جو دڙو تي 3 ڏينهن عالمي ڪانفرنس جا انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ سڀاڻي اڄ اڳاري ڏينهن ثقافت کاتي جو صوبائي وزير سيد سردار شاهه  هڪ ڏينهن جي دوري تي پڻ موهن جو دڙو تي پهچندو، جتي ٿيندڙ  عالمي ڪانفرنس جي انتظامن ۽ هلندڙ موهن جو دڙو جي ڪمن جو معانو ڪندو، ۽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن توڙي ان انتظامن کي حتمي شڪل ڏني ويندي، جڏهن ته هڪ اجلاس پڻ ٿيڻ جو امڪان آهي.

اي پيپر