ممتاز ڀٽي جي پارٽي سنڌ نيشنل فرنٽ باضابطا طور تحريڪ انصاف ۾ ضم ٿي وئي

اسلام آباد( بيورو ) سينئر سياستدان ممتاز ڀٽي جي پارٽي سنڌ نيشنل فرنٽ باضابط طور تحريڪ انصاف ۾ ضم ٿي وئي آهي. ٻنهي پارٽين کي گڏائڻ جي تقريب اسلام آباد ۾ ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سنڌ نيشنل فرنٽ جي امير بخش ڀٽو ۽ تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي معاهدي تي صحيحون ڪيون. تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته سنڌ جي سياست ۾ هڪ وڏو بريڪ ٿرو آهي، تحريڪ انصاف جي سنڌ نيشنل فرنٽ سان ڪجهه عرصي کان ڳالهيون هلي رهيون هيون جيڪي انضمام جي صورت ۾ انجام تي پهتيون آهن. هن چيو ته سنڌ جي وفاق ۾ تمام گهڻي اهميت آهي، لياقت جتوئي اسان سان شامل ٿيو ته سنڌ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ڪيو. سندس چوڻ هو ته نومبر جي مهيني ۾ ئي قوم کي هڪ وڏي خبر ڏني ويندي، جنهن بعد 25 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ جلسو ڪيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *