ملڪ ۾ جمهوريت سان ظلم ۽ زيادتي ٿيندي رهي آهي: خورشيد شاهه

December 1, 2017 at 3:23 am

سکر (بيورو) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ڀُٽي صاحب اقتدار نه پر عوام لاءِ پارٽي ٺاهي، ذوالفقار ڀٽو جو واعدو سندس ڏوهٽو پورو ڪندو. سکر ۾ يوم تاسيس جلسي کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت سان ظلم ۽ زيادتي ٿيندي رهي آهي، قائد سان وفا جو عهد سولي تي چڙهي به نڀايو، جيالن جيل برداشت ڪندي پارٽي جو پرچم اوچو رکيو، اسان شهادتون ڏئي جمهوريت کي بچائيندا رهياسين. هن چيو ته اٽو، لٽو ۽ اجهو سڀني جي منزل آهي، هارين ۽ مزدورن جون حالتون تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا.

اي پيپر