ملڪ جي بقا لاءِ وڙهندا رهنداسين، ڀٽي چيو تاريخ ۾ زندهه رهندس: آصف زرداري

دادو(رپورٽر) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته اڄ اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن جمهوريت کي ختم ڪيو ويو، جيڪي تاريخ ۾ زندهه  نٿا رهڻ چاهن اهي پاناما ۽ جيلن کان ڊڄن ٿا. اختيار نه ڏيون ها ته اڄ نواز شريف وزير اعظم نه پر صدر هجي ها. دادو ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي خبر هئي ته ان سان ڇا ٿيڻ وارو آهي، پاناما ۽ جيلن کان ڊڄندڙ تاريخ ۾ زندهه نٿا رهڻ چاهن. ذوالفقار علي ڀٽي عوام جي طاقت سان سپر پاور کي للڪاريو ۽ هن ملڪ کان ٻاهر وڃڻ کان منع ڪيو هو. هن چيو ته پاڪستان جي بقا جي جنگ اسان وڙهندا رهنداسين، ڀٽو چيو هو ته آئو تاريخ ۾ زندهه رهندس، هاڻ چيو پيو وڃي ته 70 سالن ۾ پاڪستان ترقي ڇو ناهي ڪئي؟ پاڪستان 70 سالن ۾ ترقي ان ڪري ناهي ڪئي جو ملڪ ۾ 40 سال مارشل لا مائينڊ سيٽ حڪومت ڪئي، مارشل لا مائنڊ سيٽ جي پاليسين ۾ تسلسل ناهي هوندو. اسان کي گذريل ڀيري حڪومت ملي ته اسان 1973ع وارو آئين بحال ڪيو، اسان پگهارن ۾ مهانگائي جي حساب سان واڌارا ڪنداسين، پيپلز پارٽي اختيارن کي ورهائي پارليامينٽ کي مضبوط ڪيو. هن چيو ته اختيار نه ڏنا هجان هاته وزير اعظم اڄ صدر هجي ها ۽ صدر تي ڪو به ريفرنس ناهي ٺهندو ۽ نه ڪيس ئي وري ڪيس داخل ٿيندو آهي. هڪ اي ايس آءِ به پنهنجا اختيار ڏيڻ جي لاءِ تيار نه هو، ايندڙ چونڊ ۾ بيٽ کي به ڪو فائدو نه ملندو. هن وڌيڪ چيو ته منهنجو ۽ آصفه جو هڪ ئي ڳالهه تي جهيڙو هوندو آهي، بلاول ۽ آصفه عوام سان گڏ آهن جڏهن ته سي پيڪ گيم چينجر نه پر ريجن چينجر آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *