معاشري کي جنگ ڏانهن ڌِڪڻ شريعت جي خلاف آهي: فضل الرحمان
December 4, 2017 at 3:23 amبنون (م ڊ) جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسلام ۾ دهشتگردي ۽ بي گناهه رت وهائڻ جو ڪو تصور ناهي، معاشري کي جنگ ڏانهن ڌڪڻ به ڪا شريعت ناهي. بنون ۾ جلسي کي خطاب
ڪندي فضل الرحمان چيو ته ماڻهن کي گاريون ڏيڻ، دهشتگردي پکيڙڻ ۽ بي گناهه رت وهائڻ شرعي تعليم ۾ شامل ناهي، معاشري کي جنگ ڏانهن ڌڪڻ به شريعت جي خلاف آهي، اسان اهڙو نظام چاهيون ٿا، جنهن ۾ انسانيت محفوظ رهي. هن چيو ته فيض آباد ڌرڻي ۾ اهو ٿيو جيڪو نه ٿيڻ گهرجي ها پر هڪ سازش تحت فورسز ۽ عوام کي وڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئ