مشڪل مشقن ۾ پاڪ فوج 122 ملڪن مان ٻيهر پهريون نمبر تي آئي، ٽيم قوم جو سر فخر سان بلند ڪيو آهي:آرمي چيف
November 5, 2016 at 4:43 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) برطانيا ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ پاڪستان آرمي جي ٽيم جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪئي، جنرل راحيل شريف سندن بهتر ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته پاڪستاني جهنڊي کي بلند رکي پاڪ فوج جي ٽيم قوم جو سر فخر سان بلند ڪيو آهي. هوڏانهن ٻڌايو پيو وڃي ته پاڪستان آرمي جي ٽيم 14 کان 23 آڪٽوبر تائين ڪيمبرين پئٽرول نالي دنيا جي مشڪل ترين مشقن ۾ 122 ملڪن مان پهرين پوزيشن ماڻي آهي. مقابلي ۾ شامل 8 رڪني پاڪستاني ٽيم 40-40 ڪلو وزن کڻي برطانيا ۽ ويلز جو ڏکيو جابلو رستو پار ڪري دنيا کي حيرت ۾ آڻي ڇڏيو هو.