مريم ججن کي گاريون ڏيڻ بند ڪري: اعتزاز احسن
September 14, 2017 at 10:02 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
لاهور(م ڊ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته پاناما نظرثاني درخواست ۾ شريف ڪٽنب جو مطالبو قبوليو ويو هاڻ مريم نواز ججن کي گاريون ڏيڻ بند ڪري ۽ هن کي پنهنجون ڳالهيون تبديل ڪرڻ گهرجن. ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته مريم نواز جيڪي ڳالهيون ڪري رهي آهي اهي هن لاءِ ناڪاري ثابت ٿينديون، هڪ ڳالهه پهرين ئي طئي ٿي چڪي آهي ته شريف ڪٽنب پنج ججن مان مطمئن آهي، ان ڪري نظرثاني درخواست ۾ چيو ته 5 جج نظرثاني اپيل ٻڌن، هاڻ هي 7 جج نٿا گهري سگهن، پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي تي اعتزاز احسن چيو ته بي سي پي چيئرمين نجم سيٺي کي واڌايون ڏيان ٿو، ورلڊ اليون خلاف اسان جي جوانن سٺي راند کيڏي، بابر اعظم، عماد وسيم ۽ سڀني کي واڌايون ڏيان ٿو.