مدرسن ۾ پڙهندڙ ۽ پڙهائيندڙن کي دهشتگرد چيو پيو وڃي: فضل الرحمان

March 6, 2017 at 5:21 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪوئيٽا (م ڊ): جي يو آءِ (ف) سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته افسوس آهي ته مدرسن ۾ پڙهندڙ ۽ پڙهائيندڙن کي دهشتگرد چيو پيو وڃي، گلا ته اسان جي آهي ته اسان جي نوجوانن جي ڪلهي تي بندوق ڪنهن رکي، اسان کي ملڪ ۾ قانون ۽ آئين موجب زندگي گذارڻي آهي، هن چيو ته جمعيت علماءِ اسلام امن جي ڳالهه ڪندي آهي، پاڪستان جي 70 سالن ۾ مولوين حڪومت ناهي ڪئي، جاگيردار، سرمائيدار طبقا پنهنجي مفادن کي سامهون رکي سياست ڪندا آهن، هن چيو ته پاڪستان کي 70 سالن دوران معاشي مستحڪم ناهي ڪيو ويو، آمريڪا، يورپ کان رهنمائي لاءِ سياست ڪئي ويندي.

اي پيپر