مخالف مرضيءَ جو پاڪستان چاهين ٿا، پاناما جي ڪابه قانوني حيثيت ناهي: خواجه سعد

July 2, 2017 at 10:57 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

لاهور( م ڊ ) ريلوي واري وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته جن کي اسان جون شڪيلون پسند نه آهن اهي پنهنجي مرضيءَ جو پاڪستان چاهين ٿا،  پاناما پيپرز جي ڪابه قانوني حيثيت ناهي. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي خواجه سعد رفيق چيو ته دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ پاناما پيپرز تي ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي، رڳو پاڪستان ۾ وزيراعظم ۽ سندس ڪٽنب کي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهاريو ويو آهي.  هن چيو ته جڏهن به اسان سٺو ڪم ڪندا آهيون ته اسان جون ڄنگهون ڇڪيون وينديون آهن. سندس چوڻ هو ته اسان کي نفرت ۽ تعصب جو نشانو بڻايو پيو وڃي. خواجه سعد رفيق چيو ته اسان کي ڳالهائڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي، ريورس گيئر هڻڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته اسان نه ڪنهن کي چئلينج ڪنداسين ۽ نه وري گار ڏينداسين، ٻڌايو وڃي ته نواز شريف جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟  سندس چوڻ هو ته ميثاق جمهوريت نفرت جو باب ختم ڪري ڇڏيو هو،  قراداد مقاصد کانپوءِ ميثاق جمهوريت سياسي منظر نامي جو اهم دستاويز آهي. خواجه سعد رفيق چيو ته ميثاق جمهوريت ۾ طئي هو ته الزام نه هنيا ويندا. هن چيو ته اڄ ڪراچي جو امن واپسي اچي چڪو آهي، بلوچستان ۾ مسڪراهٽون واپس اچي رهيون آهن. هن چيو ته ون بيلٽ ون روڊ هلي پيو ته ڪاروبار ترقي ڪندو، اها ڳالهه پاڙيسرين کي به خبر آهي ته پاڪستان جي ترقي روڪي نه ٿي سگهجي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جا دشمن نه ٿا چاهين ته اسان ڪنڌ کڻي سگهون. خواجه سعد رفيق چيو ته جيڪي قومون ڪشڪول کڻي امير ملڪن طرفان وينديون آهن اهي آزاد نه هونديون آهن. هن چيو ته دشمن پاڪستان کي جهڪيل رکڻ چاهي ٿو،  نواز شريف ڪنهن جي سامهون ڪنڌ نه جهڪائيندو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪڏهن مارشل لا ته ڪڏهن وري نظريه ضرورت تحت وزيراعظم کي فارغ ڪيو ويو.

اي پيپر