مخالفن هر سازش ڪئي، انهن کي منهن ڏئي وينداسين: نواز شريف
July 7, 2017 at 6:45 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته تاجڪستان جو دورو ڪامياب رهيو، والاريل ڪشمير ۾ ظلم سان پاڪ – ڀارت لاڳاپا خراب ٿيا، ڀارت کي اهو ظلم بند ڪري مسئلي جي حل ڏانهن اچڻ گهرجي. ڏيهه واپسيءَ تي جهاز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته افغان صدر واپاري راهداري لاءِ ڀارت کي رستو ڏيڻ جي تجويز ڏني آهي، اهڙين حالتن ۾ ڀارت سان ڪاروبار جي ڳالهه ڪيئن ٿي سگهندي، اسان چيو اڳ ۾ پاڪستان، تاجڪستان ۽ افغانستان پنهنجا معاملا بهتر ڪن، ڀارت جو معاملو پوءِ ڏسنداسين. هن چيو ته افغانستان جي الزام جو جواب ڏنو آهي، اسان طرفان مداخلت نه پئي ٿئي. سندس چوڻ هو ته جنهن ايٽمي ڌماڪي جو بٽڻ دٻايو، ان جو ئي احتساب ٿي رهيو آهي اهو به ڪوڙو، سپريم ڪورٽ جي ڪنهن به قسم جي فيصلي جي انتظار ۾ آهيون. نواز شريف چيو ته 2014ع ۾ ڌرڻن کي ڏسي ڇڏيو، لاڪ ڊائون به ناڪام رهيو، مخالفن هر سازش ڪئي، انهن کي منهن ڏئي وينداسين، جمهوريت کي مون مان ڪو به خطرو ناهي.27