محمد بن جاسم کان حسين نواز کي فليٽ ڪئين مليا، رڪارڊ پيش ڪيو وڃي: سپريم ڪورٽ

February 16, 2017 at 1:57 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي دوران وزيراعظم جي ٻارن جي وڪيل سلمان اڪرم راجا عدالت کي ٻڌايو ته ۱۹۹۹ع تائين لنڊن فليٽ وزيراعظم ۽ ان جي خاندان جي ملڪيت نه هئا، ۱۹۹۳ع کان ۱۹۹٦ع ۾ الثاني خاندان اهي فليٽ خريد ڪيا ۽ جنوري ۲۰۰٦ع ۾ الثاني خاندان اهي فليٽ سرٽيفڪيٽن سميت حسين نواز کي ڏنا، جنهن تي جسٽس اعجاز افضل چيو ته حسين نواز لنڊن فليٽن کي پنهنجي ملڪيت تسليم ڪيو آهي، انهيءَ ڪري ان جي ملڪيت تي ڪنهن کي به اعتراض ناهي، پر ان ڳالهه جي وضاحت ڪئي وڃي ته اهي فليٽ ٻارن ڪئين خريد ڪيا، ان وقت حسين نواز عمر جو ننڍو ۽ ٻار هو، جسٽس عظمت سعيد شيخ جو چوڻ هو ته توهان وٽ انهن فليٽن جو رڪارڊ موجود آهي ته اهو عدالت اڳيان پيش ڪيو، توهان پهرين ڏينهن کان وٺي هيڏي هوڏي ڊوڙي رهيا آهيو، توهان وٽ دستاويز آهن ته اهي عدالت اڳيان پيش ڪيو، هڪ نه هڪ ڏينهن ته ثبوت سامهون اچڻا آهن حسن نواز جي وڪيل سلمان اڪرم عدالت اڳيان موقف اختيار ڪندي چيو منروا سروسز فليٽن جي سار سنڀال لهندي آهي، جنهن تي جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏيندي چيو ته هي معاملو ايمانداري جو آهي، سيٽلمينٽ حماد بن جاسم سان ٿي آهي يا الثاني خاندان سان، محمد بن جاسم کان حسين نواز کي فليٽ ڪئين مليا، ان جو رڪارڊ پيش ڪيو وڃي.

اي پيپر