متحده پاڪستان طرفان پيپلز پارٽيءَ کي به اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت

August 22, 2017 at 7:48 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي( م ڊ ) ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽيءَ کي به آل پارٽيز ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏئي ڇڏي آهي. خالد مقبول صديقي جي اڳواڻي ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد پيپلز پارٽيءَ سان ملاقات ڪري اي پي سيءَ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته اي پي سي ۾ ڪرپشن جي روڪٿام لاءِ اپاءَ ورتا ويندا، هو چاهين ٿا ته سموريون سياسي پارٽيون قومي ايجنڊا تي متحد هجن، متحده ملڪ جي سلامتي تي ڪابه سوديبازي نه ڪندي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي عزت لاءِ ليڊر کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو، سمورين سياسي پارٽين کي ذميواريءَ جو مظاهرو ڪندي اي پي سي ۾ اچڻ گهرجي.پ پ اڳواڻ نثار احمد کهڙي چيو ته پ پ هميشه جمهوريت جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هميشه ڏيندي.هن چيو ته اي پي سي ۾ شرڪت بابت پارٽيءَ جي قيادت سان مشورو ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته فاروق ستار پنهنجي بيان ۾ زبردستي گڏ ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي جنهن جي وضاحت ڪرڻي پوندي، ڇو ته ڪنهن به پارٽيءَ تي زور نه هلندو آهي. نثار احمد کهڙي چيو ته ايم ڪيو ايم جي اي پي سي جو موضوع سٺو آهي هر پارٽيءَ کي شرڪت ڪرڻي پوندي هو قيادت جي مشوري کانپوءِ فيصلو ڪندا.

اي پيپر