لياقت جتوئي کي سياسي لوڏو، ويجها ساٿي پ پ ۾ شامل
February 19, 2017 at 11:22 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪڪڙ(رپورٽر) پ پ ايم پي اي انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو جي رهائشگاهه تي لياقت علي جتوئي جو ويجها ساٿي ۽ يوسي ٽوڙ جو اڳوڻو ناظم نظير احمد لغاري، اڳوڻو نائب ناظم محمد امين لغاري پنهنجن ساٿين حامين ۽ برادرين سميت پ پ ايم اين اي رفيق احمد جمالي پ پ ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو، اوقاف کاتي جي صوبائي صلاحڪار سيد غلام شاهه جيلاني جي موجودگي ۾ لياقت جتوئي جو ساٿ ڇڏي جيئي ڀٽو جي نعري سان پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو تقريب ۾ ليڊز ونگ جي ايم پي اي ڊاڪٽر سجيلا لغاري ميونسپل چيئرمين مشودالحق گاڏهي، پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر شاه محمد نائچ، قاضي امتياز قريشي، اعجاز چانڊيو، لطف لغاري، عبدالجبار لغاري، ارشاد لغاري ۽ ٻيا اڳواڻ تقريب ۾ موجود هئا. ان موقعي تي ايم اين اي رفيق احمد جمالي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نظير احمد لغاري کي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار چئون ٿا. پ پ عوامي ۽ ملڪ جي وڏي پارٽي آهي، جنهن سدائين عوام جي خدمتن تي يقين رکيو آهي. پيپلز پارٽي جي مضبوطي سبب مختلف پارٽين جا اڳواڻ ۽ حامي پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان متاثر ٿي پ پ ۾ شامل ٿي رهيا آهن. جلد دادو ضلعي جو اهم شخصيتون لياقت جتوئي سان اتحاد ٽوڙي پ پ ۾ شامل ٿينديون. ان موقعي تي ممتاز جوکيو، غلام رسول ٻٻر، سردار مراد بروهي، صدورو جنجهه، پرويز جوڻيجو، جاويد جوڻيجو۽ ٻيا اڳوڻ موجود هئا.