لاهور ۾ هڪ به ماڻهو بس جي ڇِت تي سفر ناهي ڪندو، ڪراچي واسين کي به سهولتون ڏينداسين: محمد زبير

August 14, 2017 at 7:16 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي (م ڊ) سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته لاهور ۾ هڪ به ماڻهو بس جي ڇِت تي سفر ناهي ڪندو، اهڙي ريت ڪراچي جي شهرين لاءِ به گرين لائن منصوبو ۽ لياري ايڪسپريس وي جلد مڪمل  ٿيندو. آباد انٽرنيشنل نمائش ۾ خطاب ڪندي محمد زبير جو چوڻ هو ته وزيراعظم ڪراچي لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي، اها صوبائي ۽ بلدياتي ادارن جي ذميواري هئي وفاقي حڪومت جي نه، تعميراتي شعبي جو معيشت ۾ اهم حصو آهي، ان سان لاڳاپيل نمائشن جو سلسلو جاري رهڻ گهرجي. محمد زبير چيو ته مان گورنر جي حيثيت سان هن انڊسٽري کي هٿي ڏيڻ لاءِ جيڪو ٿي سگهيو ڪندس.

اي پيپر